شيرين شعر جي معنيٰ

شيرين شعر جي معنيٰ

شيرين شعر جي معنيٰ

شيرين شعر جي معنيٰ (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ ميلارام واسواڻي آهي. هن ڪتاب جي ‘نوٽ’ ۾ ليکڪ لکي ٿو ته، “شيرين شعر ۾ درج ٿيل شعر اڪثر آسان عبارت وارا آهن، ٻولي گرچه سليس آهي ته به مائيدار آهي. شاگردن کي شعر مان پورو لطف اچي، ان لاءِ ضروري آهي ته معنيٰ پوري ۽ سڄي سمجهه ۾ اچي، پر ڪم نصيبن سنڌي ٻولي تي اسڪولن ۾ ڌيان گهٽ ڏنو وڃي ٿو، نتيجو اهو نڪري رهيو آهي جوشاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جو محارو تمام گهٽ آهي. شيرين شعر جا اڪثر سڀ شعر راڳين وانگر آلاپي سگهجن ٿا، تڏهن سندن مزو ٻڌڻ سان تعلق آهي، ان ڪري آخر ۾ راڳڻيون، طرزون ۽ طبلي جا تال ڏنا ويا آهن.” هن ڪتاب ۾ 43 شعرن جي لفظن جي معنيٰ، سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ڪتاب جي آخر م ڀل نامو، راڳڻيون، طرز وغيره ڏنل آهن. 64 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي سندر ساهتيه آفيس حيدرآباد 1930ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت ڇهه آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو